سنڌي ٻوليءَ جي زيارت

سنڌي ٻوليءَ جي زيارت

سنڌي ٻوليءَ جي زيارت

سنڌي ٻوليءَ جي زيارت (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي نامور ليکڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو لکيل آهي. هي ڪتاب ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جي ٻوليءَ جي اڀياس تي مشتمل آهي. خاص طور تي ليکڪ ٻني علائقي جي ڳوٺن ۽ بستين ۾ وڃي اتي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جو اڀياس ڪري، هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جو درشن ڪرائي ڄڻ ته ان جي مخلتف گڻن جو اڀياس ڪرايو آهي. ڪتاب ۾ ورهاڱي سبب هند لڏي وڃي بستيون جوڙيندڙ سنڌين جي ٻوليءَ جي اسلوب، لهجن ۽ ان تي هند جي ٻولين جي اثر کي نمايان ڪرڻ سميت سنڌ اندر ٻوليءَ جي لهجاتي نموني جو به تذڪرو ڪيو ويو آهي. ڌنڌن، ذاتين، جاگرافيائي اثرن وغيره عيوض ٺهندڙ لهجن بابت به سرسري لکيو ويو آهي. پرسي گدواڻيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ جھونن سنڌي لفظن جي ذخيري ۽ انهن لفظن، هند ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڄاڻ ميسر ڪئي آهي. ان سميت سنڌيءَ جي سوڍڪي لهجي ۾ سوڍن جا شخصي نالا ڏيئي سنڌ جي ثقافت جي هڪ طرح سان اپٽار ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي لهجاتي خوبين متعلق چڱو چوکو مواد گڏ ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ليکڪ، ٻوليءَ تي تحقيق وارو مواد پنهنجي ڀارتي دوست ڏانهن لکيل خطن واري اسلوب ۾ جمع ڪيو آهي. سوڍڪيءَ ۾ رنگن لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪـيا وڃن ٿا، سنڌي ساز بوڙيندي جي هند جي سنڌين ۾ ڪـيئن نه اڄ به قدر شناسي آهي وغيره تي خوب لکيو اٿائين. پرسي گدواڻيءَ جو لکيل هـي ڪتاب ذاتـي طور تي ٻنـي علائقي جي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪندي،
سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ واري تحقيق تي مبني آهي. ڊيمي سائيز ۽ 87 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب گجرات سنڌي اڪيڊمي، دفتر ڀنڊار، گانڌي نگر پاران 1989ع ۾ ڇپيل آهي، ڪتاب جي قيمت 20 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي ٻوليءَ جي زيارتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو